ايف پي بند

ايف پي بند: ايف پي بند، ٻوڏ جي پاڻيءَ کان بچاءَ لاءِ هڪ تعمير ٿيل بند آهي، جيڪو قنبر- شھدادڪوٽ جي تعلقي قبو سعيد خان جي علائقي چُکيءَ ويجهو شروع ٿي، منڇر تي ختم ٿئي ٿو. هي بند کير ٿر جبل مان وَهي ايندڙ نين جي پاڻيءَ مان، قنبر-شھدادڪوٽ، لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن جي ميداني علائقن کي ٻڏڻ کان روڪيندو آهي. ايف. پي. بند جو پورو نالو (Flood Protective Bund) يعني (ٻوڏ کان بچاءَ بند) آهي. هي بند انگريزن جي دور ۾ سکر بئراج تعمير ٿيڻ کانپوءِ 33، 1932ع ڌاري ٺاهيو ويو. 1975ع واري درياهي ٻوڏ ۾ پاڻيءَ جي دٻاءَ سبب ڪن هنڌن تان هن بند ۾ گهارا پئجي ويا هئا، ان کانپوءِ آگسٽ 2011ع ۾ آيل ٻوڏ سبب هن بند کي ڪافي هنڌن تان گهارا لڳا. ضلعي لاڙڪاڻي جي ويھڙ ڳوٺ لڳ سيري پتڻ وٽ بند ڪمزور ٿي ويو، جنھن ڪري ڳوٺاڻن ڳوٺ ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ بند کي مضبوط ڪيو. بند کي مضبو ط ڪندي سيري پتڻ وٽ ٽي مھاڻا /ڳوٺاڻا بند جو ڪپر ڪرڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويا. انهن معصوم ڳوٺاڻن جي هن قربانيءَ سبب بند ٽٽڻ کان بچي ويو. اڄڪلهه ان جاءِ تي ٽن شھيد ڳوٺاڻن جو يادگار تيار ڪيو ويو آهي.


لفظ ايف پي بندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو